ٺوڙهو نواب خير محمد خان

ٺوڙهو نواب خير محمد خان

ٺوڙهو نواب خير محمد خان

ٺوڙهو، نواب خير محمد خان: ٽالپرن جي دور جو نواب خير محمد خان ٺوڙهو، ڄام جئندي جي اولاد مان هو. تاجپور جا نواب لغاري ۽ نواب ٺوڙها پاڻ ۾ مٽ مائٽ هئا. نواب خير محمد خان ٺوڙهي ۽ نواب ولي محمد خان لغاريءَ جون مائرون پاڻ ۾ سڳيون ڀينرون هيون ۽ ان کانسواءِ خير محمد خان ٺوڙهي جي پٽ نواب دوست علي خان ٺوڙهي جي گهر واري نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي نياڻي هئي. تاجپور جي نواب لغارين سان گڏوگڏ ٺوڙها نواب به ٽالپرن جي اميرن ۾ شامل هئا. نواب خير محمد خان ٺوڙهو پڻ ٽالپرن جي مصاحبن مان هو. خير محمد خان ٺوڙهي جي ڀائيٽي نواب محمد خان ٺوڙهي جي غداري سبب مير شير محمد خان دٻي جي جنگ هارائي ويو. نواب محمد خان ٺوڙهي جي نالي سان حيدرآباد شهر ۾ ٽنڊو ٺوڙهو مشهور آهي، ليڪن ان کي آباد ڪندڙ ميرزا خسرو ۽ مرزا قليچ بيگ آهن. نواب خير محمد خان ٺوڙهي ڄمڻ ۽ وفات واري سنن بابت تاريخ خاموش آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو